آرٽيفيشل انٽيليجنس هڪ چئلينج
آرٽيفيشل انٽيليجنس دنيا ۾ نئين اڀرندڙ فيلڊ آهي. هن فيلڊ ۾ دنيا کي مڪمل تبديل ڪرڻ جي صلاحيت موجود آهي. پوري دنيا ان فيلڊ لاءِ خوش ۽ محتاط پڻ آهي. هن فيلڊ کان اڳ فيصلو وٺڻ جي سگھ صرف انسان وٽ هئي پر هيئنر اهو اعزاز مشينن کسي ورتو آهي. هيئنر مشينون بہ فيصلا ڪرڻ جي سگھ رکن ٿيون. هتي فيصلي مان مراد جج ٿي ڪري فيصلو ڪرڻ نہ پر حالات کي ڏسي فيصلو وٺڻ آهي. مثال اڳ ۾ هڪ ڪمپيوٽر صرف حساب ڪندو هو. پر هيئنر اهو توهان کي ڪرنسي جي ڊيوويليوشن کي ڏسي صلاح ڏيندو تہ فلان ڪرنسي نقصان ۾ وڃي سگهي ٿي. مطلب جيئن انسان تجزيا ڪندا آهن. ايئن هي مشينون تجزيا ڪنديون. يا ڪنهن ملڪ ۾ ڪهڙي پارٽي جي کٽڻ جا چانس آهن؟
آرٽيفيشل انٽيليجنس وڏو انقلاب برپا ڪرڻ واري آهي. آرٽيفيشلي انٽيليجنٽ مشينون ماڻهوءَ کان الائي ڪيترن ڳالھ ۾ لکين دفعا وڌيڪ بهتر هونديون. مثال 30 سال هليل ڪيس اگر اوهان ڪنهن وڪيل وٽ کڻي وڃو تہ اهو گهٽ ۾ هفتو ڪيس کي پڙهڻ لاءِ وٺندو. پر آرٽيفيشلي انٽيليجنٽ مشين اهو سڄو هڪ منٽ جي اندر پڙهي، سمجهي ۽ ان تي ڪا راءِ قائم ڪري سگهندي.
اسان منجهان 90 فيصد انسان ورجاءُ وارو ڪم ڪري گذر سفر ڪندا آهن. مثال هڪ رازو/مستري سڄي عمر جايون ٺاهي گهر هلائيندو آهي. هڪ حجم/سيلون وارو سڄي عمر وار ٺاهي گذر سفر ڪندو آهي. يا هڪ ڊاڪٽر سڄي عمر بيمارن جو علاج ڪندو آهي يا يا هڪ استاد عمر ڀر پڙهائيندو آهي. هڪ ويب ڊولپر ويب سائيٽس ٺاهيندو.
چوڻ جو مطلب تہ آرٽيفيشل انٽيليجنس اچڻ کان اڳ دنيا جو اهو رواج رهيو آهي تہ ڪو ماڻهو هڪ ڪم سکندو آهي ۽ پوءِ سڄي زندگي ان ڪم مان پئسو ڪمائيندو آهي. آرٽيفيشلي انٽيليجنٽ حجم پاڻ واري حجم کان هزارين ڀيرا چڱو آهي. مثال جيڪڏھن انساني حجم هڪ ڪلاڪ ۾ هڪ ماڻهوءَ جا وار ۽ ڏاڙهي ٺاهي ٿو تہ ان جاءِ تي آرٽيفيشلي انٽيليجنٽ مشين 20 جا ٺاهيندي. آرٽيفيشلي انٽيليجنٽ حجم اڻکٽ ڊزائينون ڄاڻيندو. هن وٽ غلطي ڪرڻ جا چانسز بہ گهٽ هوندا. اهو پاڻ واري حجم کان صاف بہ وڌيڪ ھوندو ۽ ان کان علاوه سستو بہ تمام گهڻو هوندو.
توهان ئي فيصلو ڪيو تہ ماڻهو ڪنهن کان وار ٺهرائيندا؟ ڀلي توهان ايئن سوچيو تہ انسان کان وار ٺهرائڻ جو مزو ئي پنهنجو آهي. ماڻهو حجمن کي نہ ڇڏيندا تہ مان توهان کي ٻڌايان تہ گهوڙي جو سفر رڪشي جي سفر کان الائي ڪيترو بهتر آهي پر صرف وقت کي نظر ۾ رکي ماڻهن گهوڙن کي زندگي مان ڪڍي ڇڏيو.
ثابت ٿيو تہ ورجاءُ وارا ڪم مشينن کي سيکاريا ويندا. انڊسٽريز مزدور رکڻ بجاءِ روبوث خريد ڪنديون. ڇو تہ اهي انسان کان وڌيڪ تڪڙو ڪم ڪندا ۽ هڪ مذدور کان وڌيڪ انٽيليجنٽ پڻ هوندا. فئڪٽرين ۾ اڪائونٽنٽ جو ڪم بہ روبوٽ ئي ڪندا. هوٽلن تي مئنيجر ۾ بيرا بہ روبوٽ ئي هوندا. ڪريانا جا وڏا وڏا دڪان ۽ اسٽور کلندا جن کي هلائڻ لاءِ روبوٽ رکيا ويندا. گاڏيون آٽوميٽڪ هلنديون، جهاز بغير ڊرائيور جي هلندا. ملڪ پنهنجي فوج ۾ بہ روبوٽ ئي ڀرٿي ڪندا.
معاملو تمام گنڀير آهي. هڪ عام ماڻهوءَ جو ڪردار ڇا هوندو؟
هڪ عام ماڻهو روزگار ڪهڙو ڪندو؟
دنيا جي ماڻهن کي آرٽيفيشل انٽيليجنس مان وڏا خدشا آهن. روز خبرون اچن ٿيون تہ هيترا ماڻهو بيروزگار ٿي چڪا آهن ۽ هيترا ٿيڻ وارا آهن. هن سڄي وايو منڊل کي ڏسي مان سمجهان ٿو انسان/ماڻهو کي هڪ نئين ڊيفينيشن /وضاحت ملندي.
منهنجي خيال مطابق ورجاءُ وارو ڪم ڪندڙ شين کي مشين ۽ تخليقي ڪم ڪندڙ شين کي انسان سڏيو ويندو. پر ڇا پنهنجا دماغ تخليقي صلاحيت رکن ٿا؟ ڇا پاڻ کي سوچڻ ايندو آهي؟ ڇا پاڻ سوال ڪري سگهندا آهيون؟
آرٽيفيشل انٽيليجنس جي گاڊفادر "جيئوفري هنٽن" 2012 ۾ هن جديد فيلڊ جو وجود وڌو هو. هيئنر تہ آرٽيفيشل انٽيليجنس مان هُن کي بہ خطرو آهي. تازو ئي هن نوڪري تان بہ استعفا ڏني آهي. هن جو چوڻ آهي "اهو وڏو مشڪل آهي تہ اوهان شيطان ماڻهن کي آرٽيفيشل انٽيليجنس کي پنهنجن منفي مفادن لاءِ استعمال ڪرڻ کان روڪي سگهو" هن وڌيڪ اهو بہ فرمايو تہ" مشينون پاڻ ۾ ڳنڍيل رهنديون هڪ منٽ هزارين مشينن ۾ ساڳيوئي سافٽ ويئر انسٽال ٿي سگهي ٿو. انسانن لاءِ ان کي ڪنٽرول ڪرڻ انتهائي ڏکيو هوندو. "
پاڻ وٽ ان فيلڊ جو هڪڙو PHD هولڊر سائين اجمل سانود هو. پاڻ هن کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيوسي😭.
سنڌيو......يارو.....!!!
هڪ وڏي تبديلي اچي رهي آهي. ٿئوري آف ايووليوشن رڙيون ڪري چئي ٿي تہ زنده رهڻو اَٿَوَ تہ شيُن کي اڊاپٽ ڪيو. نيون شيون سکو. آرٽيفيشل انٽيليجنس طرف وکون کڻون. ٻئي صورت ۾ اسان پنهنجي پاڻ کي سامراج کان تہ بچائي سگهون ٿا پر آرٽيفيشل انٽيليجنس کان بچڻ ڏکيو آهي.
Post a Comment